تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي

تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي (ڪتاب ):ساهتي ادبي اڪيڊمي، نواب شاهه، طرفان، روهڙيءَ جي ڪوٽائي ساداتن بابت ڊاڪٽر حامد علي قريشي خانائيءَ جو هيءُ ڪتاب ”تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي“، 1998ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 290 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ناياب تصويرون به شامل آهن. ڪتاب جو سرورق نهايت وڻندڙ آهي. هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي، ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي تاج جويي جو مختصر نوٽ ڇپيل آهي. هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل مواد کي چئن بابن ۽ 15 عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ 9 ضميما ڏنا ويا آهن، جن ۾ ببليوگرافي، تعليقات ۽ ماخذن جو هڪ وڏو وچور شامل آهي. گڏوگڏ ان ۾ ڪوٽائي سادات جي خاندان جا شجرا ۽ ڪن ماڳن مڪانن جي نشاندهي پڻ تصويرن ذريعي ڪئي وئي آهي. مصنف هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ جي لڪل شخصيتن کي نروار ڪيو آهي. ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سنڌ جي سيدن مان رضوي سادات جو پاڙو وڏي ناماچار وارو ٿي گذريو آهي. هن خاندان هر دور ۾ وڏن عالمن، اديبن، شاعرن، درويشن ۽ سياسي بصيرت رکندڙ بزرگن کي جنم پئي ڏنو آهي. هن خاندان جو هڪ وڏو عالم، اهل دل بزرگ ۽ بکر جو مغل گونر، نواب سيد مير يعقوب علي خان رضوي ٿي گذريو آهي، جنهن جو اولاد اڄ به سندس اڏايل ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ رهي ٿو. هي خاندان ان ڪوٽ ۾ رهڻ ڪري ”ڪوٽائي سادات“ جي نالي سان مشهور آهي. هن ڪتاب ۾ مير يعقوب علي خان جي سوانح عمري، سياسي ڪارنامن، ملڪي انتظام، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالهين تي عالماڻي انداز ۾ روشني وڌي وئي آهي. مصنف هن ڪتاب جي لکڻ جو مقصد بيان ڪندي لکي ٿو ته ”افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي هن عظيم شخصيت جي زندگيءَ ۽ ڪارنامن جي باري ۾ ڪنهن مؤرخ يا تذڪره نويس ڪوبه تفصيل سان احوال نه ڏنو آهي. مير يعقوب علي خان هندستان جي هاڪارن مغل بادشاهن، جهڙوڪ شاهجهان ۽ اورنگزيب جي وڏن اميرن، اڪابرن ۽ اعليٰ شخصيتن مان هڪ هو. ميرصاحب ان دور جي ملڪي ۽ سياسي معاملن ۾ نهايت ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ لاڳيتو تيرهن سالن جي عرصي تائين اُتر سنڌ جي سياست تي ڇانيل رهيو، پر سنڌ جي هن عظيم شخصيت کي مغلن جي ٻين اميرن، نوابن ۽ مدبرن وانگر، ان دور جي مؤرخن ۽ تذڪره نويسن پنهنجن تاريخن ۽ تذڪرن ۾ ڪابه نمايان جاءِ نه ڏني آهي.“ ڪتاب جي چوٿين باب ۾ ڪوٽائي سادات جي اديبن، شاعرن ۽ مشاهيرن جي علمي ادبي ڪارنامن جو خاص طور ذڪر ڪيو ويو آهي، جن سنڌي ۽ فارسي زبانن ۾، نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا. مصنف سندن منظوم ڪلام جو ڪجهه نمونو پڻ ڏنو آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد، سنڌ جي تاريخ جي وڃايل ڪڙين مان هڪ اهم ڪڙي آهي، جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ جي سرزمين تي ڪهڙا نه وڏا اهل علم ۽ بصيرت جا صاحب ٿي گذريا آهن، جن اعليٰ منصب ماڻيا ۽ پنهنجي سياسي تدبر سان ملڪي انتظام کي صحيح نموني هلائڻ جا جوهر ڏيکاريا.


لفظ تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو